Geo TV says Sindhi Script crashes iPhone جيئو ٽي ويءَ جي سنڌي ٻوليءَ سان نفرت ، هن وڊيو کي ڏسو. هاڻي سنڌ جي ماڻهن کي فيصلو ڪرڻو آهي. سنڌ جي غيرتمند ۽ سجاڳ شعور کي فيصلو ڪرڻو آهي. توهان جو شهر ، جتي 50 لک سنڌي ماڻهو رهي ٿو ، اتي ڪو ڪي 5 ست ماڻهو ناهن جيڪي وڃي جيئو ٽي ويءَ سان محبت ۾ ڳالهائين. توهان جي ماءُ ڌرتيءَ تي ، توهان کي ذليل خوار ڪيو پيو وڃي پر هن جديد دور ۾ به توهين ماٺ آهيو. سموري دنيا جي اڳيان هي ثبوت آهن. سموري دنيا توهان جي طرف هوندي. توهان کي جيئو جي مالڪن سان محبت سان هڪ ڀيرو ڳالهائڻو پوندو. بنگلاديش جو بنياد ٻوليءَ واري ڏينهن پئجي چڪو هيو. اسين سنڌوديش کي هڪ پاسي رکون ٿا ، پر ڇا هڪ عام ماڻهوءَ کي پنهنجي ٻوليءَ سان پيار ناهي. جيئو ٽي ويءَ جو ايئن چوڻ ته سنڌي ٻولي آئي فون کي ڪريش ڪري ٿي. ان جو مطلب ته توهان جي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ تان هٽايو وڃي. توهان جي ڪلچر کي ختم ڪيو وڃي. جڏهن ته ايئن بلڪل ڪونهي. سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطي عربي ۽ فارسيءَ منجهان ورتل آهي. اهي ختم نه ٿيون ٿين. عربي ٻولي 22 ملڪن جي اٽڪل قومي ٻولي آهي ، فارسي ايران سميت 5 ڇهن ملڪن ۾ لکي پڙهي وڃي ٿي. پشتو ءوليءَ کي ڪجھ ڪو نه ٿو ٿئي. باقي سنڌي ٻوليءَ جي ڪري آئي فون کي نقصان ٿئي ٿو. انتهائي شرم جي ڳالھ آهي. پر اسان جي قومي اڳواڻن جي لاءِ به غيرت جو وڏو سوال اڀريل آهي. مون کي سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته غيرت جو ڪهڙو وقت آهي ؟ ڇا غيرت جو وقت آهي ؟ گوورنر توهان کي چئي ٿو ته سنڌي جاهل آهن. جيئو ٽي وي چوي ٿي ته سنڌي ٻولي وائرس ورتل ٻولي آهي. اسان جا ماڻهو ڪيسين خاموش رهندا ؟ انهن جي غيرت کي ڪهڙي گوريءَ سمهاري ڇڏيو آهي ؟ ياد رکو ته جيڪڏهن هن دور ۾ به توهين خاموش رهيا ته تاريخ توهان کي ننڊ جي وڏي گوري کارائي ڇڏيندي. توهان کي همت ڪرڻي پوندي. هيءَ اها ٻولي آهي جنهن جي لاءِ ٺٽي جي مدرسن جي شاگردن پنهنجي زبانون ڪٽرائي به ٻولي بچائي. هن ٻوليءَ کي ارغونن ، ترخانن ، مغلن گهڻي ڪوشش ڪئي پر ختم نه ڪري سگهيا ڇو ته اسان وٽ غيرتمند عالم ، پڙهيل ۽ سڌريل ماڻهو هيا. توهين به انهن جو تسلسل آهيو. توهان کي پنهنجي ٻوليءَ جي لاءِ جيئو وارن سان هڪ ڀيرو محبت ۾ ڳالهائڻو پوندو. محبت گهڻا مسئلا حل ڪندي آهي. خدا جي واسطي لطيف جي ٻوليءَ جي عزت کي مانُ ڏيو.















